سليمان قاضي ڊاڪٽر

سليمان قاضي، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر محمد سليمان 13 جنوري 1902ع تي قاضي دوست محمد جي گھر ۾ جنم ورتو. پاڻ موري مان سنڌي چار درجا پڙهڻ بعد نوشهري مدرسي ۾ 1914ع ۾ پهريون درجو انگريزي پڙهڻ ويٺو ۽ 1920ع ۾ ڇهه درجا انگريزي پاس ڪيائين. گورنمينٽ طرفان مليل اسڪالرشپ تي وٽنري ڪاليج بمبئي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ويو، جتان 1923ع ۾ (G.B.V.C) ۾ گريجوئيشن فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. ان کانپوءِ 28 مئي 1923ع تي ڪراچيءَ ۾ جانورن جي اسپتال ۾ وٽرنري ڊاڪٽر مقرر ٿيو ۽ 1946ع تائين مختلف اسپتالن ۾ نوڪري ڪندو رهيو. سنڌ سرڪار کيس پوسٽ گريجوئيٽ ڪورس لاءِ مڪتيسر بريلي موڪليو، جتان 27 آگسٽ 1946ع تي واپس آيو. 1948ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينيمل هسبينڊري سکر مقرر ٿيو. ان کانپوءِ پاڻ لوئر سنڌ جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پڻ رهيو.
قاضي سليمان 13 جنوري 1958ع تي نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو ۽ 13 فيبروري 1958ع تي ڳوٺ سڌار کاتي پاران (V.A.T) انسٽيٽيوٽ ٽنڊي ڄام ۾ انسٽرڪٽر طور مقرر ٿيو، جتي جانورن جي طب پڙهائڻ لڳو. ان دوران پولٽري فارم جو انچارج به رهيو. 13 آگسٽ 1959ع تي ڏيڍ سال نوڪري ڪرڻ بعد واپس موري آيو ۽ اتي خانگي اسپتال کوليائين. هڪ سماجي تنظيم طرفان ڳوٺ سڌار رسالو جاري ٿيو ته ان ۾ مال جي بيمارين متعلق مضمون لکيائين. ان کان سواءِ سندس 80 صفحن تي مشتمل ’ٿر جو گشت‘ نالي ٿر جو سفرنامو ۽ ’مڪتيسر بريلي کان لاهور تائين‘ جو سفر نامو پڻ لکيل آهي. قاضي سليمان جو لڳاءُ شعر و شاعريءَ طرف پڻ هو، سندس شاعريءَ ۾ بحر وزن جي پختگي پڻ نظر اچي ٿي. هيءُ ڇهين جون 1968ع تي 66 ورهين جي ڄمار ۾ موري ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.01.13  عيسوي

ڊاڪٽر محمد سليمان 13 جنوري 1902ع تي قاضي دوست محمد جي گھر ۾ جنم ورتو.


1958.01.13  عيسوي

قاضي سليمان 13 جنوري 1958ع تي نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو


1958.02.13  عيسوي

13 فيبروري 1958ع تي ڳوٺ سڌار کاتي پاران (V.A.T) انسٽيٽيوٽ ٽنڊي ڄام ۾ انسٽرڪٽر طور مقرر ٿيو، جتي جانورن جي طب پڙهائڻ لڳو. ان دوران پولٽري فارم جو انچارج به رهيو.


1968.06.06  عيسوي

هيءُ ڇهين جون 1968ع تي 66 ورهين جي ڄمار ۾ موري ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پنهل خان چانڊيو
ٽوبياس مائيڪل ڪارل ايسر
ڄام نندو خان ٽالپر
قاضي واجد
ڄامڙو مريد علي ( راڳي)
فاطمه ڀٽو
سعادت حسن منٽو
رانجهو
راس مسعود حسين
جلال شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون